Saturday, February 14, 2009

عام سنڌي شاعري
هي مضمون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل آهي، جو سندس ڪتاب ٻيلاين جا ٻول تان ورتل آهي

وڏائي ۽ واکاڻ تنهن واحد کي جڳائي، جنهن اسان جي زبان کي اثر ڏنو ۽ منجهس بيان جو سحر سمايو. قربان سندس نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن تان،جنهن فرمايو تہ شعر ۾ حڪمت ۽ دانائي آهي. عربي شاعري متعلق خليفو حضرت عمر (رضہ) چوندو هو تہ هي عربن جو عام دفتر آهي، ان کي ياد ڪريو ۽ ان جي حفاظت ڪريو خليفي حضرت عمر (رضہ) جو قول نهايت وزندار آهي. تحقيق شاعري هر قوم جو عام دفتر آهي، جنهن ۾ ٻولي جي سٽاءَ کان سواءِ انهي قوم جي اخلاق،عادات،اطوار،ريتن رسمن،تاريخ،قلسفي،سمجهہ۽عقل جو سرمايو محفوظ آهي. سنڌ جي دهتاني يا نج شاعري خاص سنڌين جي حيات جو آئينو آهي،جنهن تي اک وجهڻ سان اهل سنڌ جي رهڻي ڪهڻي جي اصليت پنهنجي سڄي جوڀن جنسار،رنگ روپ،خال۽خط،خوبين توڙي خامين سميت سربستگي سان نظر اچي ٿي. پر افسوس جو اسان يا تہ رڳو جڙتو وزني شاعري جي دام ۾ گرفتار ٿي، سنڌ جي اصلي ۽ نج شاعري ڏانهن توجہ ئي ڪونہ ڪيو، يا تہ وري پنهنجي آڻڄاڻائي ۽ ناداني سبب انهي ڳوٺاڻي شاعري جي جواهر پارن کي مٽي جا ڪوڏ سمجهي کڻي ڦٽو ڪيو. اسان جي اونڌي سمجهہ ڏسو جو اسان سنڌ جي شاعرن جي سرتاج ۽ سردار سونهاري، سيد عبداللطيف (رحہ)،جي شاعري جو بہ رڳو! ڌورو قدر ڪيو! سندس ڳئوڙهن خيالن جا بيشڪ ڳڻ تہ ڳايا، پر سندس شاعري جي فن کي ڪين سڃائو.جيڪڏهن اسين سندس فن جو قدر ڪريون ها تہ هن استاد جي حقيقي شاگردن جي هنر، يعني تہ سنڌ جي عام شاعرن جي شعر تي جيڪر بلڪل پاڻي تہ ڦيري ڇڏيون ها. سنڌ جي عام شاعري هڪ اعلي ۽ عجيب فن آهي، جنهن کي قابل استادن سموهي،سيگاري، هڪ مستقل علم يا سائنس جي درجي پهچايو آهي. هن فن جون گوناگون شاخون آهن،ترڪيب جي لحاظ سان دوهرو،بيت ۽ ڪافي ٽي مکيہ قسم آهن ۽ معنوي لحاظ کان ڏٺ،معما،ڳجهارت،هنر،ڏور،دراوا،ڏهس نامو ۽ سينگار مڙيئي هن فن جا محاورا آهن. وري هن فن ۽ هنر کي پکيڙڻ ۽ پڌري ڪرڻ لاءِ بہ سمجهہ ونون جو هڪ خاص نظام آهي. هڪڙا شاعر جي اڻسنڻيون ۽ اڻٺنڻيون ڳالهيون پنهنجي شعر جي ذريعي نروار ڪن،ٻيا سگهڙ يا انهن شعرن جا راوي جي شاعرن جي گفتن ۽ بيتن کي ياد ڪري ٻين تائين پهچائين سڻڻ ٻڌڻ وارن مان هڪڙا سالڪ، جي ڳالهہ جو سُر سهي ڪن ۽ گفتن جي معني ۽ مراد ڪن،ٻيا سمجهو جي ٻڌي سمجهي واهہ واهہ ڪن ۽ ٽيان نالي ماڻهو،جي سئن پر سمجهن ڪين. اهڙن جاهلن کي عام شاعرن جانورن برابر ڪيو آهي.! رڍن اگيان رباب،وڄائيندي ورهيہ ٿيا تان هوءَ گلي گس نہ ڇڏي ۽ جوڙي ڏئي نہ جواب ....الخ يا جيئن . ٻيلي جي شاهہ ڪبير شاهہ چيو آهي تہ! ڳوهہ اڳيان ڳالهاءِ توڙي کڻي مرليون محبت جون هڻي، تان هن موڳي کي مجلس جو ناهي سُر سماءُ ...الخ. لسٻيلي جي شاعري، عام سنڌي شاعري جو هڪ مکيہ ڀاڱو آهي ۽ ڄڻ ڪہ بهتر ڀاڱو، ڇو تہ لسٻيلي جي شاعري ٻيلي جي سڄاڻ سگهڙن ۽ سمجهو سالڪن جي ذوق سبب پنهنجي اصلي صورت ۾ موجود ۽ مروج آهي ۽ زماني جي لسٽ ۾ اڃا لٽجي نہ ويئي آهي، پر خاص سنڌ جي عام شاعري مان رڳو ٻڏل ٻيڙي واريون هريڙون وڃي رهيون آهن، جن کي بہ ڪو سهيڙڻ ۽ سنڀالڻ وارو ڪونهي. جيئن ٻيلي جي شآعري بہ عام سنڌي شاعري جو جز ۽ جگر آهي، انهي ڪري هن عام شاعري جي اصليت پر کڻ ۽ پروڙڻ ضروي آهي. عام سنڌي شاعري مان اسان جي مراد اهو سنڌي شعر آهي،جو سنڌ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهي. اهو شعر جو صرف پڙهيلن تائين محدود ڪونهي. بلڪ سنڌ جي اڻپڙهيل ڪڙمي خواهہ ڪاسبي، هاري توڻي ٻيلي جي ذوق جو ورد وظيفو آهي،اهو شعر جو سنڌ جي جهر جهنگ،واهڻ،وسين، ڳوٺ ۽ ٻني ۾ ڃاري ساري آهي!اهو شعر جو رڳو شهرن جي شهرت کان آجو آهي! اهو شعر جو ٻهراڙي جي عام ٻولي ۽ مضبوظ محاورن ۾ چيل آهي ۽ شهر جي بگڙيل ٻولي ۾ ضعيف اصطلاحن کان پاڪ آهي! اهو شعر،جنهن جي زبان پڙهيل جي عبارت کان وڌيڪ پختي ۽ جنهن جي سٽآ ڪتاب خوائن جي ايجاد ڪيل لفظن ۽ لفظي بئاوتن کان وڌيڪ شستہ ۽ بلند آهي. عام سنڌي شاعر جو خطاب عوام الناس کي آهي ۽ نہ خاص پڙهيلن کي. انهي ڪري سنڌي شعر علمي پيچيدگين کان آجو آهي. عام شعر جي وزني سٽا لچڪيدار آهي،انهي ڪري عام شاعري علم عروض جي نپايل موزون شاعري کان مختلف آهي. موزون شاعري بہ عام شاعري جي دائري کان خارج ڪانهي، بشرطيڪ موزون شاعري جو خطاب عام هجي.خليفي گل محمّد موزون شاعري کي عام محاوري ۽ اصطلاح ۾ نباهڻ جي ابتدائي ڪوشش ڪئي، پر آهستي آهستي موزون شاعري حآ مخاطب خاص علم وارا بنجي ويا،جنهنڪري موزون شاعري ۽ عام شاعري ۾ هڪ وڏي گهاري پئجي. عروضي شاعر بہ پنهنجي عام خطاب سان عوام جو شاعر بئجي سگهي ٿو،بشرطيڪ سندس خطاب عام هجي، انهي معني ۾ خليفو گل محمّد ۽ حافظ حامد عام شاعر هئا، حالانڪ سندن شعر اڪثر عروض جي نپايل موزون شاعري ۾ چيل آهي. انهي معني ۾ اڄ جي شاعرن مان مولوي ثناءَ الله ثنائي ۽ مولوي احمد ملاح عام جا شاعر آهن. عام شاعري جو مول متو ۽ سٽاءُ نهايت سادي ۽ فطري آهي، ڇو تہ جهڙي آهي عام شاعرن جي زبان، تهڙو آهي سندن ڪلام. شعر جي واسطي خاص الفاظ يا محاورن جي جڙتو جوڙجڪ وٽن ڪانهي. سندن لفظي ۽ اصطلاحي ڀڃ-گهڙ تہ بلڪل فطري آهي.ٺيڪ عروضي وزن جي کين ضرورت ڪانهي. سندن ساهميءَ جي ترازي ۾ آٽل جي ڪافي گنجائش آهي. رڳو ايترو لحاظ رکڻو آهي تہ جيئن ٻيو ترازو بلڪل ضروري آهي، پر عام شاعري جو قافيو عروضي قافيي جا قيد ۽ نبد کان آزاد آهي. ضروري صرف آهي تہ هر قافيو آواز ۾ لازمي طورمناسبته رکي.ڪن عام شاعرن پنهنجي آزاد طبع سان وزني ڍار خواهہ قافين ۾ نوان نوان رنگ پيدا ڪيا آهن. مثلا ڊگهي وزن ۽ اندروني قافين جي سلسلي کي شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاهہ ڪمال تي پهچايو، جيئن اڳتي بيان ٿيندو. عام شاعري لغت جي آڻکئٽ کاڻ آهي. عام شاعر سر زمين سنڌ جي هر خطي ۽ ماحول جو نيپاج آهي. هو عام فهم زبان ۽ ان جي اصلاحن جي علاوه پنهنجي تر ۽ جئوءِ جي خاص لفظن ۽ محاورن جوبہ ماهر آهي،جن کي پنهنجي شعر ۽ فطري طور ان جي اصلي ۽ حقيقي خواهہ اصطلاحي معني ۾ استمال ڪري ٿو.اهڙي طرح هر ماحول ۽ ڀاگي جي شاعر پنهنجي ٻولي کي شعر جي ماٽي ۾ ولوڙيو آهي. ڪيتري ئي نون ۽ انوکن لفظن کي پنهنجي کٽي-مٽي جهڻ گاڏئون،مکڻ جي ڦئٽين مثل پارکن جي آڏو پيش ڪيو آهي.جيڪڏهن ملڪ جي هر ونهين ولوڙيندڙ شاعر وٽان انهي مهيءَ ۽ جهّڻ جي ورڇ وٺجي تہ هوند لفظن ۽ لغت جي گهہ مکڻ جا ڍڳ لڳي وڃن ۽ اسان جي سنڌي زبان سائي سرهي ۽ سڻڀي ٿي پوي. پر ويچارا نازڪ مزاج پڙهيل شهري،بد قسمتي سان اڄ اسان جي سنڌي ٻولي جا وارث بڻجي ويئا! جن جو ذائقو رڳو چين جي چس تائين محدود آهي،سي ڪٿي ٿا هنن ڀاڳوند ڀاڳين ۽ ولوڙيندڙن جو قدر سڃاڻن! هي ويچارا گاڏڙ کير پيئندڙ ٿا پلر پي سگهن! هي ڏيک ۽ صفائي جا ستايل ڪٿي ٿا پٽ تي ويهي جهڻ کي جئڳهي سگهن! هي تہ انهي سڻڀي جهڻ کي کٽي لسي سمجهي ان کي ويجهو ئي ڪين ويا آهن! ويچارن ابوجهن کي اها ڪل ئي ڪان‎ہ آهي،تہ ڪو مکڻ انهي جهڻ جهڳڻ مان هٿ ايندو! هنن رڳو بيڪار هيستائين پئي پائي ولوڙيو آهي. عام جا شاعر اصلي نج سنڌي ٻولي جا آبا آهن! هنن جي اردگرد روز مرهہ جي گدتگوءَ ۾ لفظن جي وڍيڪ ۽ اصطلاحن جي قطري ڀڃ گهڙ لڳي پئي آهي، نوان نوان محاورا ۽ الفاظ برجستہ زبانن مان نڪري عام ڪچهرين ۾ پچي پختا ٿي پيا رواج ۾ اچن.ٻولي جي اصلي لفظن جو قديم ذخيرو بہ نج ٻهراڙين ۾، جن کي شهري هوا اڃا گندونہ ڪيو آهي، محفوظ ۽ سلامت آهي ۽ وڏڙن جا صدري دفتر ۾ سمايل آهي ۽ پشت بہ پشت موروئي طور هلندو اچي. هر ڪنهن فن ۽ ڌنڌي جي اطوارن، اوزارن، محاورن ۽ معنائن جا نج سنڌي نالا،اصلي ڪاريگرن وٽ محفوظ ۽ مورج آهن. لوهارن، واڍن، ڪورين، ڪنڀارن ۽ ملاحن وٽ انهن فني نالن جون فهرستون موجود آهن. درحقيقت سنڌ ۾ لوهارن، واڍن، ڪورين، موچين، ڪنڀارن۽ ٻين اهڙن ڪاسين جا دکاڻ مارڪن ۽ ڪچهرين جا آڏا ئي رهيا آهن، جتي هميشہ محفل ۽ مجلس، رس ۽ رهاڻ جا رات ڏينهن رنگ لڳل هئا ۽ گفتي جي ملوڪت ۽ ڀڃ گهڙ جا منڊل متل هئا. اڃا تائين بہ انهن ماڳن مڪانن تي، هئرلن ۽ نارن تي يا ڀاڳين جي ڀاڻن تي انهي جهوني وندر ۽ ورونهہ جا اهڃاڻ نظر ايندا. عام سنڌي سگهڙ ۽ شاعرلاءِ وکر وٺڻ توڙي پنهنجي وکر ونڊڻ جون جايون اهيئي ڀاڻ دکاڻ ۽ ماڳ مڪان رهيا آهن جنهنڪري عام شاعري جو سرمايو نهايت عجيب لفظن ۽ انوکن محاورن سان مالا مال آهي. بلڪ عام شاعري هڪ بي نها بئي آهي، جنهن جي ذريعي نوان لفظ ۽ محاورا زبان زد عام ٿي پچي راس ٿين ۽ رائج ٿين ٿا. عام شاعري پنهنجي آزاد ٻولي ۽ آزاد خيالي سبب نهايت پختي ۽ زوردار آهي.اسان چيو تہ جا عام شاعرن جي زبان سوسندن ڪلام. جڙتو ٺاهہ ٺوهہ کان عام شاعر جو ڪلام آجو آهي. کيس جيڪي زبان تي چڙهي آيو سو چئي ڏنائين.هنن سنئين سڌي ڳالهہ ڪري پنهنجو حال اوريو آهي ۽ پنهنجي صاف سادي زبان ۾ پنهنجي اندر جو احوال ۽ بيان پيش ڪيو آهي، جنهن ڪري، جو لاهو چاڙهو سندس زبان ۾ آهي، سوئي سندس ڪلام ۽ بيان ۾ آهي. عام شاعر پنهنجي ٻئي عام غير شاعر ڀائر وانگر ٿلهو کائيندڙ، ٿلهو هنڊائيندڙ ۽ ٿلهو ڳالهائيندڙ آهي. سندس ٿلهو ۽ کهرو ڳالهاءُ سندس ڪلام مان ظاهر آهي، پر خوبي بہ انهي ٿلهي ۽ سادي ڪلام جي اصلي صورت ۾ آهي. سندس ڪلام انهي ڪنوار جي مٽل آهي، جنهن جون خاميون، توڙي خوبيون سندس صورت ۾ کليل ۽ پڌريون آهن! پر هڪ تہ پاڪيزگي ۽ سادگي سبب ٻيو وري آٿاهہ جواني جي زور سبب سندس حسن ٻهڪي پيو.موئڻ بعد بہ نج نسل ۽ صاف خون سبب سندس رونق ۽ ڏيا باقي رهي آهي. ان عام شاعري جي برعڪس، علمي ۽ عقلي شاعري جي صورت انهي سال خورده، عيار ۽ نازڪ مزاج عورت جي مٽل آهي، جنهن صابڻ جي صفائي، مساڳ جي لالائي، وڳن جي سينگار، ڳهن جي جنسار سان پنهنجي حسن کي ٻهڪايو آهي ۽ آواز جي لطافت سان پاڻ وڻايو آهي، پر حقيقت ۾ سندس اها سوڀيا رڳو انهن ڄڙٽو ٽيڪن تي بيٺل آهي ۽ سندس رنگ ۽ لالائي رڳو پئوڊر جي مهٽ سهٽ ۽ مسي مساڳ جي آهي، ۽ نہ جواني ۽ جوپن جي اهڙي طرح علمي ۽ عقلي شاعري جو چٽڪو ۽ چسڪو رڳو وقتي آهي، سندس دلچسپ نزاڪت ۽ دلچسپ رنگت، زبان جي لهس لپيٽ، لوڏ ڌوڏ ۽ آئل پئل، بعد جهڪي جهمي ٿي وڃي، پر ان جي برعڪس عام شاعري فطري ۽ پائيدار آهي، جيئن ڳاءَ تپئن مٺي، جيئن مهٽ تپئن سئرهي. عام شاعر، ڳوٺ ۽ ٻهراڙي جو پليل ۽ جهنگ جهر جو نپايل آهي، صاف پاڻي، صاف هوا، سادي کاڌي،سادي ڪپڙي ۽ سادي رهڻي ڪهڻي سبب سندس طبع ۾ بہ سادگي ۽ صفائي سمايل آهي، انهي سادگي سبب جيترو سندس جسم پهلوان آهي، اوترو سندس ذهن جوان آهي، سندس طبع جي صفائي ۽ ذهن جي قوت سبب سندس ڪلام ۾ بہ زور پيدا ٿئي ٿو. جڏهن هو شعر چوي ٿو، تڏهن پنهنجي طبع جي زوا ۽ رواني سبب ڪلام جي آڻل ڪري، بات بيان جون موڪون لائي ڇڏي ٿو، نہ آهي وٽس الفاظ جي ڪمي، نہ بيان جي گهٽتائي، نہ محاورنجي کوٽ ۽ نہ ڪوتاهي، جڏهن زبان چوري ٿو تہ پلٽجي پوي ٿو، جڏهن ٻولي ٿو، ڄڻ ٻوڙي ٿو. انهي زور ۽ برجستگي سبب، انهي اوچتي ٻول ۽ ٺهہ پهہ گفتي سبب، عام شاعر جو ڪلام گهرو پر کرو آهي. عام شاعر عام وکر جو وهائو آهي، انهي ڪري سندس سٽاءُ ۾ لوهہ توڙي سون پيئي نظر ايندا، ڪوڏ ۽ سپون توڙي موتي ۽ ماڻڪ ٻيئي ملندا، سڪا کڙا توڙي ساوا سلا ٻئي گڏو گڏ نظر ايندا. هن پنهنجي پارس زبان سان لوهہ مان سون پيدا ڪيو آهي، پر پنهنجي لوهہ واري سامان کي لَڄَ وچان لڪايو ڪو نہ آهي. هن لوهہ وارو سرمايو ۽ ان مان پيدا ڪيل سون جا داڻا گڏي پيش ڪيا آهن. هن ٽٻيون هڻي ڪوڏ ۽ سپون ڪٺا ڪري ان مان موتي ۽ ماڻڪ ڪڍيا آهن، پر ڪوڏن ۽ سپن جا کر کڻا لڪايا ڪين آهن، بلڪ انهن کي بہ موتين ماڻڪن سان لڳولڳ پيش ڪيو آهي.هن سڪي زمين کي پاڻي ڏيئي، ٻج ڇٽي سلا آپايا آهن، پر انهن ساون سان کي فطري طور کيڙي ۾ بيٺل ڏيکاريو اٿس. عام شاعر جي سادگي ۽ ايمانداري جي حد ڪمال آهي، جو مخاطب کي پيئي جنسون گڏوفڏ پيش ڪري، ذهن نشين ڪرايو اٿس تہ لوهہ، ڪوڏ، سپون ۽ سڪا کڙا بي ڪما نہ آهن، بلڪ هي سون، موتي، ماڻڪ پيدا ڪندڙ ۽ ساوا سلا آپائيندڙ آهن. انهي طور وکر ونڊڻ تي سندس لياقت ۾ ڪمي نٿي اچي، بلڪ سندس مرتبو، سندس ايمانداري ۽ اخلاص ۽ سندس هنر اڳئين کان اڳرو نظر اچي ٿو. ڇو تہ هر ڪو سالڪ ۽ پارکو سمجهندو تہ شاعر پارس آهي، جنهن لوهہ کي هڻي سون ڪيو، بلڪ ٽوٻو آهي، جنهن اونهي عميق مان ڪوڏ ۽ سپون ڪڍي موتي ۽ ماڻڪ پڌرا ڪيا، بلڪ استاد هاري آهي، جنهن مڪي زمين کي سر سبز ۽ سائو بنايو. مطلب تہ عام شاعرن جهڻ مکڻ گڏي پيش ڪيا آهن. ممڪن آهي تہ اڻڄاڻ جهڻ ڏسي منهن موڙي،پر عاقل خوب سمجهي سگهي ٿو تہ مکڻ جهَڻ مان ئي ملندو. عام شاعري اهو هار آهي،جنهن ۾ لعلون، سرجان ۽ پٿريون توڙي موتي، ماڻڪ ۽ کرکڻا گڏ پوتل آهن،پر جنسون ٻيئي حقيقي ۽ اصلي آهن ۽ نہ بناوتي نقلي مڻين ۽ موتين خواهہ ڪوڙي ڪچ ۽ ڪائي جو عام شاعري ۾ نالو ئي ڪونهي. عام شاعري اصل سنڌ جي حيات جو آئينو آهي. عام شاعري سنڌ جي سر زمين جو اپايل آهي. هن جي نظر تيز ۽ ذهن سليم آهي. هو پنهنجي ملڪ جي حال احوال ۽ ريتن رسمن کان واقف آهي. هو راڄ ڀاڳ جي اُٿڻ ويهڻ کان واقف آهي. هو مال متاع جي ٻڌڻ ڇوڙڻ کي سمجهي ٿو ۽ جهنگ جهر جي وڻن ٻوٽن کي پروڙي ٿو. هو زمين جي ننڍي وڏي پيچري کي ڄاڻي ٿو ۽ آسمان جي کٽ نکٽ کي سڃاڻي ٿو. جيتوڻيڪ سندس خيال جو پرواز هڪ علم واري شهري کان گهٽ آهي، پر سندس نظر ۽ حافظو زيادهہ تيز آهن. هن جي عام زندگي جي جملي شعين ۽ طرفن تي هڪ گهري نظر آهي، جا سندس روز مرهہ جي فطري طبيعت جو نتيجو آهي. سندس ڪلام جو واسطو بہ عام زندگي جي عام شعبن ۽ شغلن سان آهي، جن تي گهري نظر ۽ ٻولي تي ملڪي هئڻ سبب کيس وصف ۽ بيان جي بي انتها طاقت آهي. جيئن تہ رهڻي ڪهڻي جي جملي اطوارن جو چزئياتي تفصيل کيس ازبر آهي، انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڳالهہ ڪندو تہ ذري پئرزي بيان ڪندو ۽ انهيءَ بيان ۾ سئي سڳي سوتا پار پتا ڏيندو. سان چيو تہ سندس نظر حياتي جي سڀني شعبن، شغلن ۽ شين تي آهي: اُٺ، گهوڙا، مينهون، رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيو سڀ مل متاع، جهنگ جهر، گاهہ گلزار، ٿر بر، رڻ رائو، اهي سڀ سندس شعر جا اعلٰي هئوان ۽ سٺا مضمون آهن. انهيءَ کا ن سوا ۽ عزت، غيرت، مردانگي، سيرت، صورت، سورهيائي، سچائي، صفا ۽ ٻين سڀني سهڻن گڻن کي، جي مرد خواهہ عورت ۾ سونهن ٿا. تن کي خوب ڳايو اٿس. وري زندگيءَ جا جذباتي پهلو مثلاََۡ حسن ۽ عشق، ڏک ۽ درد، جهيڙا ۽ جهڳڙا بہ پوريءَ طرح بيان ڪيا اٿس. ان کان سواءِ سنڌي زندگيءَ جا تمدني پهلو ۽ مثلاََۡ نسب ۽ ذاتيون ريتيون ۽ رسمون، ڀليون خواهہ لايون بہ پنهنجي شعر ۾ شايع ڪيون اٿس. مطلب تہ عام سنڌي شاعر اهل سنڌ جي رهڻي ڪهڻي ۽ راڄ ڀاڳ جي تمدن ۽ تهذيب کي پنهنجي شعر ۾ پوريءَ طرح محفوظ ڪيو آهي، ۽ بقول حضرت عمر رضہ جيڪڏهن عربي شعر عربن جو عام دفتر آهي . تہ عام سنڌي شاعري اهل سنڌ جو عام دفتر آهي. انهي عربي ديوان وانگر سنڌي شعر جو دفتر ۽ ديوان بہ نهايت مڪمل آهي، جنهن ۾ ٻيو تہ خير، پر وڻ ٽڻ، گاهہ ڏت ۽ رڍ ٻڪري جو ذڪر بہ پوري طرح ڏنل آهي. شايد سواءِ عربن جي، دنيا ۾ ٻيءَ ڪنهن قوم جيڪڏهن حياتيءَ جي انهن ننڍڙن شعبن ۽ شغلن، بابڻ ۽ ڀاڱن کي بہ ايتريقدر چٽي ۽ گهري طرح ۽ پوري جزئياتي تفصيل سان بيان ڪيو آهي تہ اهي سنڌ جا سئگهڙ ۽ شاعر آهن، جن پنهنجي عام سنڌي مقولن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي وقت جي چال چلت ۽ حال حقيقت متعلق ڄڻ سڀڪجهہ چئي ڦٽو ڪيو، بمصداق جف القلم بِما هَو ڪَائينَ

No comments:

Post a Comment