سنڌ ۾ موهن جي دڙي واري دور جا مذهبي عقيدا
جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب سنڌوءَ جي ساڃاهه ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾ قديم تهذيب جنهن کي موهن جي دڙي واري دور جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، تنهن تي ٻن مکيه نسلن يا قومن دراوڙن ۽ آرين جا مذهبي ۽ تهذيبي اثر پيا. دراوڙ قوم يا نسل: هن نسل جي اصل بابت ٻه روايتون آهن. هڪڙي روايت آهي ته، اهي اصل ڀونوچ سمنڊ واري زمين تي رهندڙ ماڻهن جي نسل مان هئا، جن کي اتي پنهنجو تمدن ۽ تهذيب هئي. اتان جي زمين سمنڊ هيٺ اچي وڃڻ سبب انهن ماڻهن مان گهڻا ٻڏي تباهه ٿي ويا. باقي جيڪي بچيا تن آهستي لڏي، مصر، سمير، ڦراگيا، بابل ۽ سنڌ ۾ اچي آباد ٿي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته توريت ۾ بيان ڪيل طوفان نوح جو قصو بابل جي قديم ڪتابن تان ورتل آهي ۽ اهو ڀونوچ سمنڊ واري ٻوڏ جي ڏندڪٿا تان ورتو ويو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته، سنڌ جا رهاڪو مصر، سمير ۽ بابل جي قديم ماڻهن جي شاخ دراوڙي نسل مان هئا. عبراني ۽ سامي ماڻهو به انهي نسل جي شاخ هئا. انهن جيئن مصر ۾ سمير، بابل ۽ ڦراگيا ۽ تهذيبون برپا ڪيون. اهڙي طرح سنڌ درياهه جي ڪناري تي آباد ٿي، قديم تهذيب ۽ تمدن جا موجد بڻيا. هنن وٽ ڪي مذهبي عقيدا به هئا ۽ سندن ڪيترن ڳالهين جي مصر، سمير ۽ بابل جي عقيدن سان مماثلت هئي. ٻي روايت آهي ته دراوڙ اصل انڊين اوشين جي ڀر واري ملڪ (جتي هاڻي ائٽلانٽڪ وڏو سمنڊ آهي) ائٽلانٽڪ کنڊ جا رهاڪو هئا. جيڪي آسٽربلائيڊ نسل مان هئا. اٽڪل 75 هزار ورهيه اڳ زمين جي تبديلي سبب اها زمين سمنڊ جي پاڻي هيٺ ٻڏي وئي. اتي جي رهاڪن مان جن کي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن هئا، گهڻا ٻڏي ناس ٿي ويا پر ڪي اتان لڏي، انڊونيشيا، انڊوچائنا، برما، آسام ۽ بنگال کان مدراس طرف آيا. جتان آهستي سمنڊ جو ڪنارو ڏئي سنڌ ۾ آيا. گهڻا ايران، عراق، شام ۽ مصر جي رستي ڀونوچ سمنڊ واري زمين تي آباد ٿي تهذيب ۽ تمدن جا مالڪ بڻيا. اتي گهڻي وقت کان پوءِ وري جڏهن ٻوڏ آئي ته گهڻا غرق ٿي ويا. باقي مصر، سمير ۽ بابل کان ٿيندا سنڌ مان ڦرندا، مختلف تهذيبون ۽ تمدن برپا ڪندي وڃي مدراس پهتا. ماهرن جي خيال مطابق سامي قوم وارا انهن جي شاخ هئا، اهي اصل ڪٿان جا هئا، ڪهڙي رستي کان آيا، ڪهڙي زماني ۾ آيا، ڪڏهن تهذيبون ۽ تمدن برپا ڪيائون؟ ان بابت علم آثار قديمه، علم طبقات الاراض، ڏندڪٿائون، علم جوتش (علم نجوم)، علم الانسان ۽ علم لسان جي ماهرن جا مختلف رايا آهن، هتي صرف اهو ڏيکارڻ مقصد آهي ته (جيڪڏهن پهرين نظريي ۾ اعتماد رکبو ته اول ۾ مصري تهذيب ۽ تمدن شمار ڪري پوءِ سمير، بابل ۽ سنڌ جي تهذيبن ۾ تمدن کي تسليم ڪرڻو پوندو. پر جي ٻي نظريي کي ڏسبو ته پوئين گروهه موجب، سنڌ جي تهذيب کي اول ۽ بابل، سمير ۽ مصر جي تهذيب کي پوءِ شمار ڪبو. آريائي قوم ۽ سندن تهذيب ۽ تمدن: آريا قوم جو سنڌ ۾ اچڻ، سندن اصل جاءِ پيدائش ۽ سنڌ ۾ سندن آمد جي زماني بابت مختف رايا آهن. هڪڙن جو چوڻ آهي ته اهي اصل ۾ ڪوهه ڪاف جبل جي طرف جا رهاڪو هئا، جتان انهن مان ڪي ايران ۽ وچ ايشيا ذريعي سنڌ ۽ هند ۾ آيا ۽ ڪي رومانيا ذريعي يورپ طرف آيا. ٻين جو چوڻ آهي ته اهي اصل ۾ وچ ايشيا جي پورال جبل جا رهاڪو هئا، جتان ڪي وچ ايشيا کان ٿيندا سنڌ ۽ هند طرف آيا ۽ ڪي ايران ۽ يورپ طرف ويا. ٽين عالمن جو رايو آهي ته اهي اتر سائبيريا ۾ مارو جبل جا رهاڪو هئا. جتان هيٺ لهي جدا جدا رستن کان سنڌ، هند طرف آيا ۽ ڪي ايران ۽ يورپ طرف ويا. اسان هتي صرف سنڌ ۾ اچڻ جو ذڪر ڪنداسين. جيتوڻيڪ ڪيترا هند جا ويگياني انهيءِ راءِ جا آهن ته آريا ڏهن هزارن ورهين کان اڳ سنڌ ۽ هند طرف آيا. هتان ايران، عراق، شام، مصر ۽ عرب طرف ويا ۽ اتي پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيائون. ايتري قدر جو خود ڪعبو به اصل ۾ سندن شو مهراج جو مندر هو ۽ ان جي ڪنڊ ۾ لڳل حجر اسود شو جو لنگم هو. ڪعبي جي چوڌاري پرڪما (طواف) ڪرڻ به سندن ايجاد هئي. احرام جو لباس، هندو سنياسين جهڙو هو. خود عرب جو نالو به ويدڪ ڀاشا جي آروء مان نڪتل آهي، جو گهوڙي لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي. يعني گهوڙن جو ملڪ سندن چوڻ آهي ته منوسمرتي ۾ لکيل آهي ته هڪڙو برهمڻ سنڪر جاتي سيک نالي وارو پهرين پرچار لاءِ عرب ۾ پهتو. ان کان پوءِ اتي جا مکيه ماڻهو شيخ بڻجي ويا. جيئن برهمڻ لاءِ ڀارت ۾ عزت هئي، تيئن شيخ به عزت وارو لقب آهي، انهي ڪري آريا، عرب کي آباد ڪري رهڻ لڳا. انهن جو اهو به چوڻ آهي ته حضرت محمد صه کان 5 سو ورهيه اڳ زاهم بن تائي نالي عرب شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن جو نظم هڪ تختي تي لکيل قسطنطنيه مان هٿ آيو آهي، جنهن ۾ ڪرشن مهاراج ۽ گيتا جي ساراهه ڪيل آهي. مهاراجا وڪرمادتيه جي ڏينهن ۾ آريا برهمڻ، ويدڪ ڌرم جي پرچار لاءِ عرب ويندا هئا. هڪ عرب شاعر نعمان بن آدم راجا وڪرماجيت جي ساراهه ۾ هڪ نظم لکيو آهي جيڪو حميده لائبرري يروشلم ۾ موجود آهي. هن وقت عرب مسئله تناسخ کي نٿا مڃين پر هڪ ڪتاب الملل والمحل ۾ لکيل آهي ته پراڻي زماني جا عرب تناسخ کي مڃيندا هئا، جو دراصل آريائي نظريو هو. ان زماني ۾ عرب ۾ شو مهاراج جي پوڄا زور هوندي هئي. عمرو بن هشام حارث چون ٿا ته شو جو پوڄاري هو. اصل ۾ ان شاعر کي عرب ابوالحڪم (ڏاهپ جو ابو) سڏيندا هئا جو پوءِ حضرت محمد صه کي نه مڃڻ ڪري مسلمانن ان کي بدلائي ابوجهل جي لقب سان مشهور ڪيو. هو مڪي شهر جو مکيه ماڻهو عالم ۽ شاعر هو. ان هڪ نظم، شو مهاراج جي شان لکيو آهي جنهن ۾ آهي ته مهاديو جي تعريف ڪرڻ ڪري ماڻهو کي وڏو درجو نصيب ٿئي ٿو، ڀارت مذهب جو مرڪز آهي جتي پهچي ماڻهو کي نجات حاصل ٿئي ٿي... اهو نظم قاهرهه جي الهلال اخبار مارچ 1932ع ۾ ڇپيو. عالمن جو چوڻ آهي ته حج وقت احرام ۾ به اڻ سبيل ڪپڙي جا ٽڪرا پائڻ ۽ حج جي زماني ۾ قرباني کان اڳ جونءَ به نه مارڻ، آريائي رسمون آهن. يهودي اصل ۾ تامل زبان ڳالهائيندا هئا. تامل ڀاشا، هيبرو ڀاشا جي لاڳاپي واري زبان آهي. آثار قديمه وارن جو چوڻ آهي ته ڪيئي هزار ورهيه اڳ سنڌو درياهه ڪناري تي دراوڙ ماڻهو پنهنجو تمدن ۽ تهذيب ٺاهي آباد ٿيا ويٺا هئا. موهن جو دڙو ۽ ان سان لاڳاپو رکندڙ آثار قديمه سندن تهذيب ۽ تمدن جا مرڪز هئا. جن کي اٽڪل 17 سو ورهيه ق م ڌاري آرين اچي هڪالي ڪڍيو. دراوڙن مان ڪي وڙهندي مري ويا ڪي ڪمزور هئڻ ڪري داس (غلام) ۽ اڇوت بڻايا ويا ۽ ڪن لڏي وڃي مدراس ۽ ٻين ملڪن کي آباد ڪيو. آريا شروعات ۾ دراوڙن جي نسبت گهٽ سڌريل، خانه بدوش ۽ جنگجو هئا. پر دراوڙن جي ٺهيل ٺڪيل شهرن ۽ تهذيبن تي قابض ٿيڻ بعد هنن به پنهنجا تمدن ۽ تهذيبون برپا ڪيون. کوجنا مان اها خبر پوي ٿي ته آرين اصل دراوڙي تهذيبن ۽ تمدن مان ڪيتريون ڳالهيون اختيار ڪيون، جنهنڪري سندن عقيدا گڏيل ۽ هڪ ٻين کان ورتل معلوم ٿين ٿا. دراوڙي تهذيب ۽ تمدن جو دور مصر، سمير، بابل ۽ سنڌ ۾ قريبن ساڳئي زماني ۾ ٿوري گهڻي تفاوت سان رهيو هو. انهن ۾ هڪجهڙائي جا ڪيترا مثال آهن. آرڪيالاجي جي موجوده کوجنائن مطابق مصر جي تهذيب ۽ تمدن آڳاٽو هو. ان کان پوءِ سمير ۽ بابل جون تهذيبون وجود ۾ آيون. سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن انهن کان ٿورو بعد جا آهن. جاندار ۽ غيرجاندار شين ۾ روحن جي وجود جو اعتقاد دراوڙن ۽ آرين ٻنهي ۾ ويٺل هو. ڏسبو ته مصر، سمير، بابل ۽ سنڌ جي قديم ماڻهن ۾ وڻن، جانورن، آسمانن، سيارن ۽ برجن وغيره جي روحن جي اعتقاد جا نظريا مروج هئا. آڪاس، سج، چنڊ، سيارن، برجن، جبلن، دريائن، زمين، باهه، هوا جي روحن ۽ جدا جدا نالن وارين هستين جو اعتقاد پڻ ڏسڻ ۾ ايندو. ان سلسلي ۾ ٽريمورتي جو ذڪر به اچي ٿو. ٽريمورتي جدا جدا نمونن ۾ يونان، روم، مصر، سمير، ڦراگيا ۽ بابل ۾ مروج هئي. جيئن ته ٽريمورتي ٽن طاقتن جي مختلف صفات جي اظهار جو نالو آهي. جن مان هندن جي ٽريمورتي دنيا جي قديم مذهبن جي پيداوار آهي. انهي جي آڌار تي ٽن ديوتائن جو تصور به ڪري سگهجي ٿو. برهما، وشنو ۽ شو، سنڌ ۽ هند جي اصل سناتن ڌرمن جو بنياد آهن
. ڪتاب: ڌرتي ماتا تان ورتل، تحرير: اشتياق انصاري
No comments:
Post a Comment