سنڌ ۾ تصوف جي ابتدا
اسلامي تصوف جي ابتدا سنڌ ۾ عربن جي ڏينهن ۾ ٿي. سنڌ تصوف ۾ ايتري ترقي ڪئي، جو هر صدي هتي جي خاڪ پاڪ مان بلند پايه صوفي درويش پيدا ٿيا، جن جا تڪيا، آستان ۽ درگاهون چپي چپي تي هن ملڪ ۾ موجود آهن. شايد انهيءَ ئي ڪري ايرانين جو قول آهي ته ”گرمي، خاڪ، فقير ۽ مقبرا“ _ اهي چار شيون آهن، جن مان سنڌ سڃاتي وڃي ٿي. اسلامي تصوف جي ابتدا انهن بزرگ درويشن ڪئي، جيڪي الله ۽ رسول الله صلعم جا شيدائي هئا. علامه ابو نصرعبدالله بن علي السراج جو بيان آهي ته”صوفي پهريائين بغداد وارن ايجاد ڪيو.“ قرآن مجيد ۾ ”اهل صفه“ کي فقرا جي لقب سان سڏيو ويو آهي، اهل شام وارا به فقراء سڏيندا هئا. ”ڪتاب اللمع“ ۾ لکيل آهي ته”صوفي لفظ پهريان صفوي هو، پوءِ گهڻي استعمال جي ڪري ڦري صوفي ٿيو.“ صوفي ڪنهن خاص فرقي جو نالو نه هو، جيئن امام قشيريءَ راءِ آهي. علامه ابن خلدون لکي ٿو ته ”جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام جا اصحاب سفيد پوشاڪ پائڻ ڪري حواري سڏبا هئا، تيئن اهل صفه وارا درويش پشمينه جي جبن پائڻ ڪري صوفي سڏبا هئا.“ سندن عظمت جو سبب پشمينه پهرڻ نه هو، بلڪه رسول الله صلعم جي صحبت جي فيض ڪري ئي کين فضيلت حاصل هئي ۽ انهيءَ ڪري ئي هو زهاد،عباد، متوڪلين،فقراء، اهل رضا،اهل صبر ۽ اهل تواضع جي معززلقبن سان سڏبا هُئا. مٿين بيان مان صوفين جي علوم، اعمال ۽ اخلاق جي اجمالي خبر پئجي سگهي ٿي.غرض ته ”صوفي“ لفظ صحابه ڪرام جي دور کان گهڻو پوءِ وجود ۾ آيو. اهڙي طرح امام معمر بن زياد ڪتاب ”اخبار الصوفيه“ ۾ لکي ٿو ته صوفين جي پهرين خانقاه بصري ۾ تعمير ٿي هُئي. تاريخي لحاظ کان جيڪڏهن لفظ ”صوفي“ جي ڳولها ڪبي ته ”صوفي“ لفظ اصل ۾ ”سين“ سان ڏسڻ ۾ ايندو_ سندس مادو ”سوف“ ( Sophia) هو،جنهن جي يوناني زبان ۾ معنيٰ ”حڪمت“ يا ڏاهپ آهي.هجري ٻي صديءَ ڌاري جڏهن يوناني ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيا، تڏهن هي لفظ عربي زبان ۾ آيو، ۽ اُن وقت جا اُهي عالم جيڪي انهن ڪتابن تي حاوي هوندا هئا، تن کي ماڻهو صوفي (سوفي Sophos) يعني ”حڪيم“ سڏڻ لڳا. رفتي رفتي ”سوفي“ ڦري ”صوفي“ ٿيو. ”ڪشف الظنون“ ۽ ”ڪتاب الهند“ ۾ مٿين تحقيق پيش ڪيل آهي
سنڌ ۾ تصوف جو چرچو ابتدائي اسلام دور ۾ ئي شروع ٿيو هو. ان وقت جي صوفياء ڪرام تي ”وحدت الوجود“ جي عقيدي جو غلبو پيل هو. خواجه بايزيد بسطامي عباسي دور ۾ ٿي گذريو آهي؛ سندس زهد قابل داد هو؛ مٿس وحدت الوجودي خيالات جو غلبو هو؛ سندس مرشد ابوالعلي سنڌي هو، جيڪو سنڌ جو پهريون سنڌي صوفي ٿي گذريو آهي. جيئن عراق ۾ صحابه ڪرام جي اوائلي خالص مذهبي زهد ۽ تقويٰ بدران اشراقي حڪماء جو اثر اُتي جي عالمن تي پوڻ لڳو هو، تيئن سنڌ جي عالمن تي وري هندي ويدانت پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو هو. ان ۾ شڪ ڪونهي ته ”وحدت الوجود“ جو مسئلو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ هر هڪ قوم ۾ موجود هو. اسڪندريه جو نو افلاطوني فرقو ان جو معتقد هو. پراڻن يهودين ۽ نصارن ۾ به اهو خيال موجود هو، مگر هندو ويدانت جي ته پوري جي پوري عمارت هن تخيل تي ٻڌل هئي؛ هندي تهذيب جو اثر عراق، ايشيا ڪوچڪ ۽ يونان تائين پهچي چڪو هو. حڪيم فيثاغورث تو مسئلي تناسخ جو به قائل هو. تاريخي حيثيت سان ڏسبو ته مسلمان صوفين جهڙوڪ بايزيد بسطامي، ذوالنون مصري، حسين بن منصور حلاج ۽ ٻين اشراقي صوفين ۾ وحدت الوجود جو تخيل ڪٿان آيو؟ يورپين مستشرقين جي راءِ آهي ته هندي فلسفي ڪري ڪيترائي خيالات تصوف ۾ داخل ٿي ويا. مٿيئن تخيل جو آغاز هجري 3 صديءَ ۾ حسين بن منصور حلاج جي ڏينهن ۾ ٿيو، ۽ هجري 5 صديءَ ۾ محي الدين ابن عربيءَ جي زماني ۾ ڪمال کي پهتو. منصور بن حلاج جي ڪتاب ”الطواسين“ مان ثابت آهي ته هو جادو، منتر ۽ ڪرتب سکڻ لاءِ هندستان آيو هو، يا پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪرڻ لاءِ هِت آيو هو. ممڪن آهي ته سنڌ مان وحدت الوجود جي مسئلي کي عراق ڏانهن کڻي ويو هجي. ابو العلي سنڌيءَ کان پوءِ، جيڪي به سنڌ جا باڪمال صوفي ٿي گذريا، جهڙوڪ شاهه عبداللطيف، شاهه عنايت، سچل سرمست، بيدل، بيڪس وغيره، تن سڀني جي ڪلامن ۽ تصوف مان ويدانت جي جهلڪ نظر اچي ٿي

No comments:
Post a Comment